پاڪستان ۾ عالمي ميڊيا جي رپورٽنگ تي نيون پابنديون تنقيد جي ور چڙهي ويون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  پاڪستاني حڪومت ملڪ ۾ بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽنگ بابت نيون هدايتون جاري ڪيون آهن، جن تي صحافتي تنظيمن، صحافين ۽ قانوني ماهرن سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.نئين "فارن ميڊيا فيسليٽيشن گائيڊ لائينز 2026” موجب، پرڏيهي ميڊيا لاءِ ڪم ڪندڙ سڀئي صحافي، جن ۾ پاڪستاني شهري به شامل آهن، هاڻي اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور کان سواءِ ملڪ جي ڪنهن به علائقي مان رپورٽنگ ڪرڻ کان اڳ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (اين او سي) حاصل ڪرڻ جا پابند هوندا.ان قدمن کانپوءِ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ عالمي ميڊيا جي رپورٽنگ سرڪاري اجازت ۽ مقرر ڪيل طريقيڪار سان مشروط ٿي ويندي. عالمي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان هن وقت 180 ملڪن مان 153هين نمبر تي آهي.سياستدان ۽ تجزيه نگار مصطفىٰ نواز کوکر چيو آهي ته اهي هدايتون اهڙي ماحول ۾ عالمي ميڊيا جو آواز دٻائڻ جي برابر آهن، جتي صحافتي آزادي اڳ ئي محدود ٿي رهي آهي.انگريزي اخبار ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس انهن پابندين کي ”غير مناسب ۽ ناقابلِ قبول“ قرار ڏيندي چيو ته چاليهن سالن جي صحافتي زندگي ۾، فوجي ۽ سول حڪومتن جي دورن دوران به هن اهڙيون پابنديون نه ڏٺيون.سپريم ڪورٽ جي وڪيل صلاح الدين احمد جو چوڻ آهي ته انهن هدايتن جي پٺڀرائي لاءِ ڪو واضح قانوني يا آئيني بنياد موجود ناهي. سندس خيال ۾ اهي رڳو انتظامي حڪم آهن، جن کي باقاعده قانون جي حيثيت حاصل ناهي. هوڏانهن بين الاقوامي صحافين جي هڪ گروپ ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نمائندن، اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات جي ڪوشش شروع ڪئي آهي ته جيئن انهن نون ضابطن بابت پنهنجا خدشا سڌو سنئون حڪومت آڏو رکي سگهن.رپورٽ موجب، وزارت اطلاعات جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ طرفان پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ موجود پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي واٽس ايپ ذريعي پيغام موڪلي هدايت ڪئي وئي ته هو فوري طور واپس اچن ۽ اين او سي لاءِ درخواست جمع ڪرائن.

You might also like