اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي بينيفشريز لاءِ سم جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد اي ڪچهري دوران مستحق عورتن کي هدايت ڪئي ته جن بينيفشري عورتن اڃا تائين بي آءِ ايس پي آفيس مان پنهنجي بينظير سم مفت حاصل ناهي ڪئي يا ڪنهن ٻئي هنڌان سم ورتي آهي، اهي لازمي طور پنهنجي ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس مان مفت بينظير سم حاصل ڪن.
سينيٽر روبينه خالد چيو ته سم حاصل ڪرڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پنهنجو ذاتي موبائل فون گڏ آڻڻ ضروري آهي، جڏهن ته سم وصول ڪرڻ وقت عملي کي چيو وڃي ته هو سم پاڻ موبائل فون ۾ لڳائي.
هن ٻڌايو ته رقم ڊجيٽل والٽ ۾ منتقل ٿيڻ تي لاڳاپيل بئنڪ طرفان ايس ايم ايس موصول ٿيندو، جڏهن ته رقم ڪڍرائڻ کانپوءِ به تصديقي ايس ايم ايس ايندو، جنهن ۾ منتقل ۽ وصول ڪيل رقم جا مڪمل تفصيل شامل هوندا.
چيئرپرسن موجب، اهو ايس ايم ايس ادائيگي جو ثبوت هوندو، جنهن جي مدد سان عورتون تصديق ڪري سگهنديون ته کين مڪمل رقم ملي آهي.
سينيٽر روبينه خالد عورتن تي زور ڏنو ته ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو موبائل فون ايجنٽ حوالي نه ڪن، ڇو ته رقم حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق جي ضرورت هوندي آهي، موبائل فون جي ضرورت ناهي.
هن عورتن کي صلاح ڏني ته پنهنجو موبائل فون ۽ موبائل نمبر هميشه پاڻ وٽ رکن، جيئن ڪو به شخص سندن پيغامن يا شڪايتن سان لاڳاپيل ڄاڻ ختم نه ڪري سگهي.
هن واضح ڪيو ته بي آءِ ايس پي جون سموريون وظيفا، سهولتون ۽ خدمتون مڪمل طور تي مفت آهن.
You might also like