”ستن سيلن وارو ڪمپائونڊ، روز طبي معائنو ۽ خاص کاڌو“ عمران خان کي اڊيالا جيل ۾ مليل سهولتن جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي جيل ۾ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اهم رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عمران خان کي قيد تنهائي ۾ رکڻ ۽ ساڻس ڪنهن به قسم جي امتيازي يا اڻبرابري واري ورتاءَ جي ترديد ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته جيلن ۾ قيد تنهائي وارو نظام ختم ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته عمران خان سميت ڪنهن به قيدي کي قيد تنهائي ۾ ناهي رکيو ويو، هو سزا يافته قيدي طور قانون موجب پنهنجي سزا ڪاٽي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان سان ٻين قيدين وانگر قانوني اصولن موجب ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ۽ ساڻس ڪو به امتيازي يا اڻبرابري وارو سلوڪ ناهي ڪيو ويو.
جيل اختيارين موجب، بهتر ڪلاس قيدي هجڻ سبب عمران خان کي ڪجهه واڌو سهولتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سياسي اڳواڻ هجڻ ڪري سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي سبب عام قيدين کي عمران خان جي بلاڪ تائين رسائي ناهي، جڏهن ته کيس مليل سهولتون ظاهر ڪن ٿيون ته هو قيد تنهائي ۾ ناهي.
جيل سپرنٽنڊنٽ موجب، عمران خان ستن سيلن تي ٻڌل ڪمپائونڊ ۾ ڏينهن دوران آزادي سان گهمي سگهي ٿو ۽ رڳو رات جي مخصوص وقت ۾ پنهنجي سيل ۾ رهندو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيل آفيسر ۽ عملو عمران خان جي ضرورتن بابت ساڻس رابطي ۾ رهندا آهن، جڏهن ته ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ معمول موجب ۽ ضرورت وقت ملاقات ڪندو آهي.
جيل ڊاڪٽر روزانو ٽي ڀيرا عمران خان جو طبي معائنو ڪندا آهن، جنهن ۾ بلڊ پريشر، دل جي ڌڙڪن، آڪسيجن ۽ ٻين طبي معاملن جي جاچ شامل آهي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي واڌو طبي معائنو پڻ ڪيو ويندو آهي.
رپورٽ موجب، عمران خان لاءِ روزانو ٽئي وقت سندس پسنديده مينيو موجب کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو سڀاڻي قيد تنهائي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندو، جڏهن ته اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ طرفان ڪيس ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي.

You might also like