صدر ججن جي مقرري واري سمري تي صحيح نه ڪئي، حڪومت وڏو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ججن جي مقرري واري سمري صدر طرفان منظور نه ٿيڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت آئيني طريقيڪار موجب اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 ۽ آرٽيڪل 75 تحت ججن جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بابت قانوني صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، آرٽيڪل 48 تحت صدر، وزيراعظم جي ايڊوائس جو پابند هوندو آهي، جڏهن ته اصولي طور تي ڪنهن به سمري موڪلڻ کانپوءِ صدر وٽ 15 ڏينهن جو وقت هوندو آهي ته هو اعتراض لڳائي واپس موڪلي سگهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر اڃا تائين جڊيشل ڪميشن جي سفارشن تي وزيراعظم ڏانهن ڪو به لکت ۾ اعتراض ناهي اُماڻيو، جڏهن ته ان حوالي سان 15 ڏينهن وارو مدو هلندڙ هفتي مڪمل ٿي ويندو.
ذريعن موجب، جيڪڏهن مقرر وقت اندر اعتراض نه آيو ته سمري کي منظور ٿيل تصور ڪيو ويندو.
طريقيڪار موجب، جيڪڏهن صدر طرفان اعتراض داخل ڪيو وڃي ٿو ته وزيراعظم نئين سمري ٻيهر صدر ڏانهن موڪليندو ۽ جيڪڏهن صدر ان کانپوءِ به 10 ڏينهن اندر صحيح نه ڪندو ته سمري پاڻمرادو منظور تصور ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like