لاهور ۽ ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، پوليس جو ڪريڪ ڊائون، ڪيئي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

لاهور/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران اڄ لاهور ۽ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن دوران پوليس ڪارروائي ڪندي لٺبازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ پريس ڪلب جي چوڌاري پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، جتي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
لٺبازي کانپوءِ مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي لاهور ۾ ايوانِ عدل ٻاهران پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پوليس ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبر اويس ورڪ کي به گرفتار ڪيو ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب، ايوانِ عدل ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون ، جنهن کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن احتجاج ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي.
هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻن لاهور ۽ ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائين جي مذمت ڪندي انهن کي پرامن احتجاج جي حق تي بندش ۽ سياسي انتقام قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پوليس طرفان انهن الزامن تي اڃا تائين ڪو باظابطا موقف سامهون ناهي آيو.

You might also like