سنڌ اسان جو وطن آهي، ست ڪروڙ ماڻهو روڊن تي هوندا:مولانا اسدالله کهڙو

مٽياري(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام ضلعي مٽياري جي اڳواڻ مولانا اسدالله کهڙو چيو آهي ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ قائم رهندي، سنڌ ڪو بيڪري جو ڪيڪ ناهي، جنهن کي ڇري سان ڪٽي ٻه حصا ڪري ڇڏجي.
مٽياري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا اسدالله کهڙو چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ورهائجي ويندا.
هن چيو ته جميعت علماءِ اسلام جو واضح ۽ چٽو موقف آهي ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽوڙڻ نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن ضرورت پئي ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻهو روڊن تي نڪرندا.
هن حڪمرانن کي خبردار ڪندي چيو ته سنڌ سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي.
مولانا اسدالله کهڙو جو چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام کي ورهائڻ بدران ملڪ کي جوڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

You might also like