اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي موجودگي ۾ معاملا اڳتي نٿا وڌي سگهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي موجودگي ۾ نه معاملا اڳتي وڌي سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن ٻنهي خاندانن جي هوندي ملڪ ۾ ترقي ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته جيستائين انهن ٻن سياسي جماعتن کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو ويندو، ملڪ ترقي نه ڪندو.
فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف هن وقت تائين 17 بجيٽون پيش ڪري چڪو آهي، جن مان 12 صوبائي ۽ 5 وفاقي بجيٽون شامل آهن، هاڻي هو وڌيڪ ڇا ڪندو؟
سندس چوڻ هو ته هر پنجن سالن کانپوءِ سياسي جماعتون اسٽيبلشمينٽ کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اختيارن جي مقامي سطح تي منتقلي واري معاملي جي هو مڪمل حمايت ڪري ٿو، پر هن وقت وڏو سياسي اڳواڻ جيل ۾ آهي، اتفاق راءِ پيدا ڪريو، ڏنڊي جي زور تي صوبا سگهن.
هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد وفاقي جماعت آهي، جنهن کي سڄي ملڪ مان ووٽ ملن ٿا.
فواد چوڌري چيو ته جيل قانونن موجب، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرڻ سندن حق آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان سندن ڊگهي سياسي وابستگي رهي آهي ۽ پاڪستان جي شهري طور هو عمران خان سان ڳالهائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته مختلف جيلن ۾ قيد سمورن سياسي ڪارڪنن کي به فوري رليف ملڻ گهرجي.
زرداري ۽ نواز جي هوندي نه معاملا اڳتي وڌندا، نه ئي پاڪستان ترقي ڪندو: فواد چوڌري
You might also like