اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي سيمي ڪنڊڪٽر ۽ سمارٽ فون چپ مارڪيٽ ۾ وڌندڙ لاڳت سبب پاڪستان ۾ به موبائل فونن جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
صنعتي ذريعن موجب، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) لاءِِ استعمال ٿيندڙ جديد ڊيٽا سينٽرن جي وڌندڙ طلب، ميموري چپس، ويفر مينوفيڪچرنگ، پيڪيجنگ ۽ ٻين اهم اليڪٽرانڪ پرزن جي اگهن ۾ واڌ سبب سمارٽ فون چپس جي لاڳت ۾ نمايان واڌارو ٿيو آهي.
ان واڌ جا اثر دنيا جي موبائل صنعت تي به پئجي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، دنيا جي وڏي موبائل چپ ٺاهيندڙ ڪمپني Qualcomm پنهنجي گراهڪن کي آگاهه ڪيو آهي ته مختلف چپس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.
You might also like