ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رهندي: پاڪ فوج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت ۾ هڪ طرفي تبديلي آڻڻ واري قدم کي ست سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ سرحد جي ٻنهي پاسي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري يومِ استحصال ڪشمير ملهائي رهيا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي هٿياربند فوجن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجي اڻٿڪ ايڪي جو اظهار ڪندي ڪشميرين جي حقِ خوداراديت لاءِ جائز جدوجهد جي مڪمل حمايت جو عزم پڻ ورجايو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي موجودگي، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون، فوجي گهيراءُ ۽ آباديءَ جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون سخت ڳڻتي جوڳيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارت جا چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ جارحاڻو رويو ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پُرامن حل ضروري آهي، جيڪو ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب هجڻ گهرجي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوجون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪن ٿيون ۽ ڪشميرين جي آزاديءَ جي جائز جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيهڻ جو عزم ورجائن ٿيون.

 

You might also like