بااختيار مڪاني نظام هئڻ گهرجي‏، جمهوريت جو فائدو عوام کي ملڻ گهرجي

لاهور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته  مان هڪڙي ڏاڍي بنيادي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو ته آئين

جي پهرين باب ۾ ٻه جملا درج ٿيل آهن، ۽ اهي جملا واضح طور تي چون ٿا ته جيڪا ايگزيڪيٽو اٿارٽي استعمال ٿيندي، اها چونڊيل نمائندن پاران ٿيندي. لاهور ۾ هڪ مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته جمھوريت جو منصوبو بنيادي طور اڃا تائين هڪ فراڊ جو شڪار آهي، جيڪو آئين سان فراڊ آهي. ڇا عوامي نمائندا آئين جي اصل روح کي ڳولڻ جي ڪا ڪوشش ڪن ٿا؟ هتي ته صرف طاقت جا جهڳڙا آهن، وڏيون وڏيون ڳالهيون آهن. فوج سان اعتراض آهي ته فوج جو سياسي ڪردار ڪهڙو هوندو ۽ ڪهڙو نه هوندو، مارشل لا لاڳو ٿيندا رهيا. پهرين بنيادي ڳالهه ته طئي ڪريو ته جيڪڏهن توهان وٽ جمھوريت جو پروجيڪٽ آهي ۽ توهان سمجهي چڪا آهيو ته 1973ع جو آئين هڪ متفقه دستاويز آهي ۽ ان تحت ئي توهان پنهنجي زندگيءَ جو نظام گذارڻو آهي، ته ان جي پهرين سفر کان وٺي اڳتي هلندا وڃو، ٻڌندا وڃو ۽ شرمائيندا وڃو،هن چيو ته جيترو نمائندا بااختيار هوندا، اوترا ماڻهو بااختيار هوندا  اهو عوامي نمائندگيءَ جو بنيادي اصول آهي.هن چيو ته منهنجي ڳوٺ ۾ اڄ به ميونسپل سروسز ناهن. ۽ جڏهن اسان ڳالهه ڪريون ٿا ته وڏا ماڻهو چون ٿا ته ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو ميونسپل ٽئڪس نٿا ڏين، ان ڪري کين ميونسپل سروسز نٿيون ملي سگهن. اها ڳالهه مون پروونشل فائيننس ڪميشن جي پنجاب واري اندروني اجلاس ۾ اتي ويٺل اڪيڊمڪ مان ٻڌي.هن چيو ته جيڪڏهن جمھوريت جا ثمر ماڻهن کي ميسر ئي ناهن ته پوءِ مان جمھوري  نظام تسليم نه ڪندس. هن چيو ته مون وٽ نه سيوريج  جو سسٽم آهي، نه منهنجي وٽ قبرستان جو ڪو منتظم آهي، نه مون وٽ صحت جو ڪو نظام آهي. منهنجي اسڪول جي حالت ابتر آهي، مون کي مقامي طور ان کي ٺاهڻ جو اختيار ڏنو ئي نٿو وڃي.هن چيو ته مقامي حڪومتون شروعاتي طور مارشل لا جي پنهنجي جواز  حاصل ڪرڻ جي ڪوشش بڻجي ويون. چاهي صدر ايوب هجي، ضيا الحق هجي مشرف هجي، ، انهن ان مان پنهنجي لاءِ جواز ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ سياسي سسٽم ڏنو.هن چيو ته 25 ڪروڙ ماڻهن لاءِ ڪيل بندوبست ۾ 1500 عوامي عهدا آهن، ڇا اهي 250 ملين ماڻهن جي معاملن کي هلائڻ لاءِ ڪافي هوندا؟ مان اهي سوال توهان تي ڇڏيان ٿو!هن چيو ته  حڪمراني  اهڙي شيءِ آهي جنهن تي اسان کي روز ڳالهائڻ گهرجي. ان ۾ سختي نه ٿي ڪري سگهجي. سياست ڪنهن مجرمانه شيءِ جو نالو ناهي. حڪومتي نظام ۽ گورننس جي اندر نوان پاسا ڳولڻ گهرجن.هن چيو ته بلوچستان ۾ هڪ عليحدگي پسند تحريڪ نظر اچي رهي آهي، ڪي پي  ۾ هڪ دهشتگرد تحريڪ هلي رهي آهي. انهن معاملن کي توهان ڪيئن ڊيل ڪندؤ؟ هن چيو ته توهان جي ڪشمير جي اندر سياسي حقن جي هڪ تحريڪ هلي رهي آهي اتي نيشنل ميڊيا تي مڪمل پابندي آهي، هن چيو ته  لوڪل گورنمينٽ جي وڏي ڳالهه هلي رهي آهي پر سياسي ڊائلاگ جي گنجائش به ختم ٿيندي پئي وڃي.هن چيو ته پنهنجي ساٿين احمد اقبال ۽ علي حيدر گيلانيءَ کي پورو ڪريڊٽ ڏيندس هڪ مسلم ليگ ن مان آهي ۽ ٻيو پيپلز پارٽي مان، انهن اچي چيو ته اسان هڪ قرارداد وٺي اچي رهيا آهيون ۽ اسان چاهيون ٿا ته آئينِ پاڪستان ۾ هڪ باب مقامي حڪومتن جو به هجي.

You might also like