نون صوبن بابت ڪا ڳالهه ايجنڊا تي ناهي، موجوده نظام ئي ڪامياب آهي :راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله آزاد ڪشمير جي چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي.هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ڏسي آزاد ڪشمير جي عوام مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پروپيگنڊا ڪندي داخل ٿي، جڏهن ته اميد آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ 10 مان 7 سيٽون مسلم ليگ (ن) کٽيندي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٽئين مرحلي کان پوءِ پيپلز پارٽي به نتيجن کي قبول ڪري وٺندي.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته اهي چونڊون آزاد ۽ شفاف ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ ڪنهن اتحاد سان نه، پر پنهنجي حڪومت ٺاهيندي.نون صوبن بابت سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته مسلم ليگ (ن) جو اهڙو ڪو اجلاس ناهي ٿيو، جنهن ۾ نون صوبن بابت ڪو واضح موقف اختيار ڪيو ويو هجي. هن چيو ته نون صوبن جو معاملو في الحال ايجنڊي تي شامل ناهي.سندس چوڻ هو ته پارلياماني جمهوري نظام ۽ 1973ع جو آئين مڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪا به کوٽ ناهي. اهو ئي نظام گذريل پنجاهه سٺ سالن کان ملڪ کي سنڀالي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي بحران آيا، مارشل لا ۽ آمريت به آئي، پر آئين ئي ملڪ ۽ وفاق کي گڏ رکيو.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته کوٽ نظام ۾ نه، پر اسان ۾ آهي، ڇو ته اسان آئين تي صحيح نموني عمل نه ڪيو آهي. جيڪڏهن آئين ۽ موجوده نظام تي ايمانداري سان عمل ڪيو وڃي ته اهو بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿو.هن چيو ته جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي ۽ نظام کي مختلف رڪاوٽن ۾ جڪڙي رکيو ويندو ته پوءِ ان کان بهتر ڪارڪردگي جي اميد نٿي رکي سگهجي. سندس چوڻ هو ته اهو ئي نظام ۽ اهو ئي آئين اڌ صدي تائين ڪامياب رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪامياب رهندو.

You might also like