اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر تازي سياسي صورتحال تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي آئيني، قانوني ۽ جمهوري حيثيت وڃائي ويٺو آهي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو وفاقي گهرو وزير پر حڪومت جي هڪ اهم اتحادي به مٿس سنگين سوال اٿاريندي کيس ڌانڌلي زده قرار ڏنو آهي، جيڪو ڪنهن به جمهوري نظام ۾ انتهائي غير معمولي ۽ سنگين صورتحال هوندي آهي.
هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ دنيا جي هر جمهوريت ۾ وزيراعظم فوري طور اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندو آهي، جيئن پنهنجي قانوني حيثيت برقرار رکي سگهي، پر هتي وزيراعظم ان بنيادي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته هو ايوان جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي.
بئريسٽر گوهر موجب، اهو معاملو رڳو هڪ فرد تائين محدود ناهي، پر سڄي حڪومتي ڍانچي جي ڪمزور ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪومت جا پنهنجا اتحادي ئي ان جي ساک تي سوال اٿارين ۽ وزيراعظم ان جو جواب ڏيڻ يا اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته ان جو مطلب آهي ته نظام عملي طور ويهي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ بي اعتمادي رٿ لاءِ هڪ مخصوص آئيني طريقيڪار ۽ گهربل انگ موجود آهي، جنهن بابت اتحادين سان مشاورت کانپوءِ غور ڪري سگهجي ٿو، پر موجوده صورتحال ۾ اصل مسئلو اهو آهي ته جنهن بنياد تي حڪومت قائم هئي، اهو ئي ڪمزور ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن وزيراعظم کي ڌانڌلي زده قرار ڏنو، اهي پاڻ به ان ئي عمل جو حصو رهيا آهن، پر ان جي باوجود جڏهن اهڙو الزام سامهون اچي ته وزيراعظم تي لازم آهي ته هو فوري طور اعتماد جو ووٽ وٺي پنهنجي حيثيت واضح ڪري، پر سندس خاموشي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نه رڳو حڪومت جو ڍانچو ڪمزور ٿي چڪو آهي، پر وزيراعظم پاڻ به ايوان ۽ عوام جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي.
You might also like