حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) دانشور، اديب جامي چانڊيو فواد چوڌري جي نون صوبن بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته”هاڻي فواد چوڌري جهڙو بي ضمير شخص اسان کي سمجهائيندو ته سنڌ جي تاريخ ڇا آهي؟“
واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نون صوبن بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو هو ته”چيو وڃي ٿو ته سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو، صوبا ڇا مٿان نازل ٿيا آهن؟“
فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عزت سان صوبا ٺاهڻ نه ڏنا ويا ته ٻيا طريقا به سامهون ايندا.
فواد چوڌري جي ان بيان تي ردعمل ڏيندي جامي چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو ته”هاڻي فواد چوڌري جهڙو بي ضمير شخص اسان کي سمجهائيندو ته سنڌ جي تاريخ ڇا آهي؟“
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن بابت بيان کانپوءِ سنڌ جي مختلف سياسي، قومپرست ۽ سماجي تنظيمن طرفان سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي سياسي بحث به تيز ٿي ويو آهي.
You might also like