ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان خاص طور بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومتي رٽ موجود ناهي ۽ حالتون ايتريون خراب آهن جو ماڻهو پنهنجي ئي علائقن ۾ محفوظ ناهن.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ سموري صورتحال کان هو واقف آهن، جڏهن ته طاقت جي زور تي مسئلا ڪڏهن به حل نٿا ٿي سگهن.
هن آزاد ڪشمير جي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشميري اسان کي سڏي رهيا آهن، پر اتي به حالتون بهتر ناهن.
نوان صوبا ٺاهڻ بابت سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ انتظامي معاملو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ رڳو نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آهي؟
هن مطالبو ڪيو ته ان معاملي تي عوام کان راءِ ورتي وڃي ته هو نئون صوبو چاهين ٿا يا نه.
سندس چوڻ هو ته صوبا ڪيڪ ناهن جو ڇُري کڻي ڪٽي ڇڏيندئو، هر فيصلي ۾ صلاح مشورو ضروري آهي ۽ قومن جي سڃاڻپ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
مولانا چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي نظام ناڪام ٿي چڪا آهن، جمهوريت ۽ آمريت ٻنهي کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سياستدانن کي مناسب موقعو ئي نه ڏنو ويو.
هن چيو ته پارليامينٽ جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي ۽ سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي،ملڪ کي آئين موجب هلائڻ گهرجي ۽ زبردستي حڪومتون مڙهڻ نه گهرجن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو نالو وٺندي هن چيو ته جيڪڏهن محسن نقوي سمجهن ٿا ته نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ته پوءِ هو استعيفيٰ ڇو نٿا ڏيئي؟
مارشل لا جي دورن جو ذڪر ڪندي مولانا چيو ته انهن دورن ۾ آئين کي نقصان پهچايو ويو.
هن ٻڌايو ته جي يو آءِ 26هين آئيني ترميم تي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون هيون، جڏهن ته 28هين ترميم بابت في الحال ڪا ڄاڻ ناهي ته ان ۾ ڇا آندو ويندو.
بلوچستان جي سياست بابت مولانا فضل الرحمان واضح ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام بلوچستان حڪومت جو حصو نه بڻجندي.
هن چيو ته عوام جون اميدون اڄ به جي يو آءِ سان واڳيل آهن.
اپوزيشن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته محمود خان اچڪزئي اپوزيشن ليڊر آهن ۽ کين صلاح ڏني ته اپوزيشن جو اجلاس سڏايو وڃي.
نوجوانن بابت مولانا چيو ته نوجوانن جا پنهنجا جذبا هوندا آهن، پر نوان چهرا فلمي اصطلاح آهن، سياست جو نه.
هن ٻڌايو ته سندس ڊاڪٽر مالڪ بلوچ سان ملاقات ٿي آهي، پر کيس خبر ناهي ته ڊاڪٽر مالڪ بلوچ وڏو وزير بڻجي رهيو آهي يا نه.
قومن جي سڃاڻپ سان هٿ چراند نه ڪيو، صوبا ڪيڪ ناهن جو ڇُري کڻي ڪٽي ڇڏيندا: مولانا فضل الرحمان
You might also like