لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو رڳو سياسي پارٽين يا قومپرست جماعتن جو مسئلو ناهي، پر سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي جو مسئلو آهي.
لاهور يونيورسٽي ۾ نون صوبن ۽ نظام جي ناڪامي بابت ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو رڳو سياسي پارٽين يا قومپرست جماعتن جو مسئلو ناهي، پر سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي جو مسئلو آهي.
اسد عمر چيو ته صوبن بابت معاملن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ عوامي خدشن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي ورهاڱي جو سوچيندڙ ڀليل آهن.
ڪانفرنس دوران سينئر صحافي مظهر عباس ڳالهائيندي چيو ته”لاهور، پهريان اهو طئي ڪري ڇڏيو ته هن ملڪ ۾ اوهان ڪهڙي جمهوريت چاهيو ٿا.“
You might also like