نظام ري سيٽ ڪرڻ ضروري آهي، پر سوال اهو آهي ته سسٽم جو ڏيوالو ڪنهن ڪيو؟ بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته موجوده نظام عوام جو اعتماد وڃائي چڪو آهي ۽ هاڻي ان جو ري سيٽ ضروري بڻجي ويو آهي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هڪ اهم حڪومتي اتحادي وزيراعظم کي ڌانڌلي سان آيل قرار ڏنو، جڏهن ته هو پاڪستان پيپلز پارٽي کي به ڌانڌلي واري پارٽي سمجهن ٿا.
هن چيو ته حڪومتي اتحادي جي بيان کانپوءِ وزيراعظم کي فوري طور اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي ها، پر وزيراعظم ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته وزيراعظم جي خاموشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اعتماد ختم ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومتي ڍانچو عملي طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويٺي آهي.
هن چيو ته آئيني، قانوني ۽ جمهوري لحاظ کان به موجوده حڪومت پنهنجي حيثيت وڃائي چڪي آهي، وڌيڪ حڪومتون ٺاهڻ بدران عوام سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ آئيني طريقو موجود آهي، اتحادي پارٽين سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ۽ قومي مفاد ۾ اتفاق راءِ سان سياسي بحران جو حل ڪڍيو ويندو.
هن چيو ته صوبن جي عوامي مطالبن تي پارليامينٽ کي سنجيدگي سان اڳڀرائي ڪرڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته نظام کي ري سيٽ ڪرڻ تي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن، پر سوال اهو آهي ته نظام کي ڏيوالي تائين ڪنهن پهچايو.

You might also like