ڇا توهان جو به واٽس اڪائونٽ بند ٿي ويو آ؟ مسئلو ڇاهي؟ ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان جو واٽس ايپ اڪائونٽ اوچتو بلاڪ يا ڊس ايبل ٿي ويو آهي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ممڪن آهي اهو اوهان جي غلطي سبب نه هجي.
رپورٽن موجب، واٽس ايپ ۾ هڪ فني مسئلي سبب دنيا جي مختلف حصن ۾ هزارين واهپيدارن جا اڪائونٽ بلاڪ ٿي ويا آهن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڪيترن ئي واهپيدارن شڪايت ڪئي آهي ته سندن واٽس ايپ اڪائونٽس اوچتو بند ٿي ويا آهن ۽ ايپ ۾ ري ويو جو پيغام ظاهر ٿي رهيو آهي.
ان معاملي تي ميٽا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهو مسئلو هڪ ٽيڪنيڪل خرابي سبب پيش آيو، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
ڪمپني موجب، متاثر واهپيدارن جي اڪائونٽس تائين ٻيهر رسائي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
متاثر واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جڏهن هو پنهنجن اڪائونٽن تائين رسائي جي ڪوشش ڪن ٿا ته واٽس ايپ تي پيغام ظاهر ٿئي ٿو ته اڪائونٽ ۽ ڊوائيس جي تفصيلن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته واهپيدار ڪمپني جي شرطن تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ ڄاڻ ڏني ويندي.
واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ واهپيدارن جو انگ 3 ارب کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري جيڪڏهن مسئلو محدود به هجي ته هزارين ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا.
ميٽا مسئلي جو اعتراف ته ڪيو آهي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ڪهڙن علائقن جا واهپيدار متاثر ٿيا آهن يا مسئلي جو اصل سبب ڇا آهي.

You might also like