اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي شهري گهر ويٺي نيشنل پوليس بيورو پورٽل ذريعي پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس بيورو جو دورو ڪيو، جتي هن اهم اجلاس جي صدارت ڪئي.
ان موقعي تي هن شهرين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو پوليس ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ نظام منظور ڪيو، جڏهن ته انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ لاءِ به هڪجهڙو ۽ آسان طريقيڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
محسن نقوي چيو ته پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو ڏکيو عمل هاڻي مڪمل طور آن لائن ۽ وڌيڪ تيز بڻايو ويو آهي، جنهن تحت شهري نيشنل پوليس بيورو پورٽل ذريعي گهر ويٺي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا.
هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ لاءِ به سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو ۽ آسان نظام قائم ڪيو وڃي، جيئن شهرين کي مختلف صوبن جي الڳ الڳ طريقيڪار مان ڇوٽڪارو ملي.
سندس چوڻ هو ته نيشنل پوليس بيورو کي هڪ سرگرم ۽ فعال ادارو بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
You might also like