ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف مارڪيٽن ۾ 5 هزار رپين جا جعلي نوٽ گردش ڪرڻ جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ واپاري برادري ۽ شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
رپورٽن موجب، جعلساز مختلف طريقن ۽ چالاڪين ذريعي شهرين ۽ واپارين کي جعلي نوٽ ڏئي دوکو ڪري رهيا آهن.
ڪراچي اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان چيو ته اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ۾ واپارين سان 5 هزار رپين جي جعلي نوٽن جي ڏي وٺ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ خوف ۽ بيچيني پکڙجي رهي آهي.
هن شهرين ۽ واپاري برادري کي اپيل ڪئي ته خريد ۽ وڪري دوران 5 هزار رپين جي نوٽن کي چڱيءَ ريت جاچ پڙتال کانپوءِ قبول ڪيو وڃي ۽ مڪمل احتياط ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن به مالي نقصان کان بچي سگهجي.
You might also like