ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ جي سڀني پيٽرول پمپن تي 31 جنوري 2027ع تائين ”راست ڪيو آر ڪو“ ذريعي ڊجيٽل ادائيگي وارو نظام لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪارڊ ذريعي ادائيگي تي لاڳو چارجز ۾ به رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، ان قدم جو مقصد ٻارڻ واري شعبي ۾ روڪ رقم جي استعمال کي گهٽائڻ ۽ ڊجيٽل مالياتي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي.
هي هدايت ملڪ جي سڀني ننڍن ۽ وڏن پيٽرول پمپن تي، ڀلي اهي ڪنهن به علائقي ۾ هجن، ساڳي ريت لاڳو ٿيندي.
ان کانسواءِ پيٽروليم شين جي خريد ۽ وڪري دوران ڪارڊ ذريعي ادائيگي بابت فيس جي نئين جوڙجڪ پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي.
نئين پاليسي تحت ڪارڊ ذريعي پيٽروليم شين جي خريداري تي مرچنٽ ڊسڪائونٽ ريٽ وڌ ۾ وڌ هڪ رپيو في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽرچينج فيس جي حد 20 پئسا في ليٽر رکي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، هي خاص رعايتي شرح 31 جنوري 2027ع تائين لاڳو رهندي ۽ پاڪستان جي سمورين بئنڪن جي ڪارڊن تي لاڳو ٿيندي.
مرڪزي بئنڪ سڀني تجارتي بئنڪن، مائيڪرو فنانس بئنڪن ۽ ڊجيٽل والٽ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پيٽرول پمپ مالڪن سان گڏجي مقرر مدي اندر راست ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت مڪمل طور فعال بڻائين.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ هن وقت 15 هزار کان وڌيڪ پيٽرول پمپ فعال آهن، جن مان گهڻن تي پي او ايس مشينن جي سهولت رڳو وڏن شهرن تائين محدود هئي، پر تازي فيصلي کانپوءِ ڏورانهن علائقن جي پيٽرول پمپن تي به ڊجيٽل ادائيگي جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدا بخش اسٽيٽ بئنڪ جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اڳ ڊيلرن کي ڪارڊ ادائيگي تي لڳ ڀڳ 0.8 سيڪڙو(يعني 2.40 رپيا في ليٽر) چارجز ادا ڪرڻا پوندا هئا، جنهن سبب ڪيترائي ڊيلر ڪارڊ ذريعي ادائيگي قبول ڪرڻ کان پاسو ڪندا هئا.
You might also like