گلاسگو (ويب ڊيسڪ) بين الاقوامي راندين جي مقابلن دوران پاڪستاني رانديگرن جي گم ٿيڻ جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن.
گلاسگو ۾ ٿيل ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ واحد پتل جو ٻِلو عورت باڪسر فاطمه زهرا کٽيو، جڏهن ته مرد باڪسر ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
ان دوران ڪوئيٽا سان واسطو رکندڙ باڪسر قدرت الله خراب ڪارڪردگي کانپوءِ گلاسگو ۾ گم ٿي ويو.
ذريعن موجب، ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني باڪسر قدرت الله پاڪستان واپس ايندڙ اڏام ۾ سوار نه ٿيو، جڏهن ته آچر تي گيمز ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان باڪسنگ ٽيم گلاسگو مان وطن واپسي لاءِ رواني ٿي چڪي آهي.
پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي صدر ڪرنل (ر) ناصر تونگ چيو ته کيس ڪنهن باڪسر جي گم ٿيڻ بابت ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ذريعا تصديق ڪري رهيا آهن ته قدرت الله پاڪستان واپس ورڻ کان پاسو ڪيو آهي.
واضح رهي ته 2022ع ۾ انگلينڊ ۾ ٿيل ڪامن ويلٿ گيمز دوران به پاڪستان جا ٻه باڪسر روپوش ٿي ويا هئا.
You might also like