لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڊائلاگ ڪميٽي (اين ڊي سي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون صوبن بابت ڏنل بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي پيش ايندڙ حڪمراني ۽ معاشي بحرانن جو حل ملڪ جي انتظامي ڍانچي جي گڏيل نئين سر جوڙجڪ ۾ آهي.
لاهور پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني، اڳوڻي ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ڪميٽي اڳواڻ مولوي محمود مطالبو ڪيو ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي ختم ڪري فوري طور قومي اتحاد حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا ملڪ کي آئيني ۽ انتظامي سڌارن ڏانهن وٺي وڃي.
فواد چوڌري چيو ته موجوده سياسي ۽ انتظامي نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ بيوروڪريسي ۽ حڪمران اشرافيه جي قبضي ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي عدم استحڪام جو خاتمو رڳو وسيع سياسي اتفاق راءِ سان نوان انتظامي صوبا قائم ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي.
هن چيو ته موجوده ”فارم 47 حڪومت“ کي ختم ڪري اهڙي قومي اتحاد حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا سڀني سياسي پارٽين جي شموليت سان آئيني طريقيڪار تحت نوان صوبا قائم ڪري.
فواد چوڌري چيو ته محسن نقوي پاڻ به موجوده نظام جي ناڪامي جو اعتراف ڪري چڪو آهي.
هن تنقيد ڪندي چيو ته هڪ پاسي حڪمران 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا جهڙي وڏي شهر ۾ هڪ به ايم آر آءِ مشين موجود ناهي.
سندس چوڻ هو ته صوبائي اختيار وڏي حد تائين وڏن وزيرن جي هٿن ۾ محدود ٿي ويا آهن، جنهن سبب صوبائي وزير به اثرائتو ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ صوبائي سطح تي حڪمراني بهتر نه ٿي سگهندي.
فواد چوڌري اهو به چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي شموليت کانسواءِ ڪي به سياسي يا آئيني سڌارا ڪامياب نٿا ٿي سگهن.
سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته عمران خان ملڪ جو سڀ کان مقبول سياسي اڳواڻ آهي ۽ نون صوبن بابت ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ سندس شموليت ضروري آهي.
هن اعلان ڪيو ته ڪميٽي هن هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي ته جيئن عمران خان ۽ سندس گهرواري سان ملاقات ڪري هن اهم قومي معاملي تي مشاورت ڪري سگهجي.
مولوي محمود واضح ڪيو ته ڪميٽي جي تجويز جو مقصد سنڌ کي سياسي يا جاگرافيائي طور ورهائڻ ناهي، پر انتظامي بهتري ۽ گهوٽڪي جهڙن نظرانداز علائقن جي ترقي لاءِ چار انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام کانسواءِ پائيدار سيڙپڪاري ممڪن ناهي.
محمد علي دراني الزام لڳايو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻن واعدن باوجود بهاولپور، هزارا ۽ ڏکڻ پنجاب صوبا قائم نه ڪيا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ باوجود ان تي عمل نه ڪيو.
ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته موجوده سياسي ڍانچي کي ختم ڪري اهڙي حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا فوري طور نون صوبن جي قيام لاءِ آئيني عمل شروع ڪري.
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان جو موجوده انتظامي نظام گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي،نوان صوبا يا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو آخرڪار عوام کي ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو قدم رڳو سياسي اتفاق راءِ سان ئي کنيو وڃي.
”نوان انتظامي صوبا ئي بحرانن جو حل آهن“ اين ڊي سي نون صوبن بابت نقوي جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي
Next Post
You might also like