شاهين آفريدي جي لنڪا پريميئر ليگ ۾ واپسي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) ۾ واپسي ڪري ورتي آهي.
ايل پي ايل جي ترجمان موجب، شاهين آفريدي پلي آف مرحلي لاءِ ڪينڊي رائلز کي ٻيهر جوائن ڪري رهيو آهي.
شاهين آفريدي ذاتي سببن جي بنياد تي ليگ مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وطن واپس موٽي آيو هو.
واضح رهي ته لنڪا پريميئر ليگ جو پلي آف مرحلو 5 آگسٽ کان ڪولمبو ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رانديگر خوشدل شاهه ۽ حسن نواز به ڪينڊي رائلز جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويا آهن.

You might also like