سنڌي فلسطيني يا ريڊ انڊين ناهن، ظلم جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نون صوبن بابت هلندڙ بحث تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌي قوم فلسطيني، ريڊ انڊين، مائوري يا ابورجينس وانگر ناهي، جيڪا وقت گذرڻ کانپوءِ پڇتائي، پر ظلم ۽ ناانصافي جو ڀرپور مقابلو ڪندي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾، ڪنهن جو نالو کڻڻ کانسواءِ اياز لطيف پليجي چيو ته”ڀليل آهيو، اسان فلسطيني، ريڊ انڊين، مائوري يا ابورجينس ناهيون، جيڪي وقت گذرڻ کانپوءِ پڇتائين.“
هن وڌيڪ چيو ته” ظلم ۽ ناحق سان مقابلي لاءِ اسان وٽ اٺ ڪروڙ دماغ ۽ 16 ڪروڙ هٿ موجود آهن.“
واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن بابت بيان کانپوءِ سنڌ جي مختلف سياسي، قومپرست ۽ سماجي تنظيمن طرفان سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي سياسي بحث به تيز ٿي ويو آهي.

 

You might also like