محسن نقوي مارشل لا جي راهه هموار پيو ڪري؟

لاهور(مزمل سهروردي)محسن نقويءَ جي تقرير جي گونج اقتدار جي ايوانن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. هن پنهنجي تقرير کان پوءِ ڪابھ وڌيڪ وضاحت نه ڪئي آهي پر اهي خاموش آهن.ان تقرير کان پوءِ هڪ ٻيو سوال جو سڀني طرفن کان اڀري رهيو آهي، اهو هي آهي ته شايد سياسي طور تي 30 انتظامي يونٽ (صوبا) ٺاهڻ ممڪن نه هجي. پر جيڪو ردعمل پيپلز پارٽي جي طرفان آيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه منفي ردعمل ن ليگ جي طرفان آيو آهي، ان مان نٿو لڳي ته ڪنهن آئيني ترميم ذريعي ملڪ ۾ 30 انتظامي يونٽ ٺهي سگهندا. هي درست آهي ته مسلم ليگ نون ان کي ناگواريءَ سان قبول ڪري وٺندي، پر پيپلز پارٽي ته پڌري پٽ نه چئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي ان واضح انڪار کان پوءِ سڌي رستي سان ڪو چانس ناهي.فرض ڪريو اگر فيلڊ مارشل عاصم منير ٽيڪ اوور ڪري به ٿو، ته ڇا جهڙي طرح مشرف کي آئين ۾ ترميم جو اختيار مليو هو، ائين سپريم ڪورٽ مان کيس ترميم جو اختيار ملندو؟ ان جو امڪان نظر نٿو اچي. چاهي آئيني بينچ اسٽيبلشمينٽ سان ڪيتري به گڏ هجي، سپريم ڪورٽ اسٽيبلشمينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار نه ڏيندي. ان کي  آئين معطل يا منسوخ ڪرڻو پوندو ۽ مارشل لا لڳائڻي پوندي.اسٽيبلشمينٽ  کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته30 انتظامي يونٽ ٺاهڻ کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو هلي سگهي پر سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن. هاڻي معاملو بند گهٽيءَ ۾ پهچي ويو آهي. 30 انتظامي يونٽس، اين ايف سي   ايوارڊ جي نئين سر جائزو وٺڻ، ۽ 18هين آئيني ترميم کي ختم يا نظرثاني ڪرڻ جا معاملا هاڻ اٽڪي ويا آهن.،اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن اوور ٽيڪ ڪري ٿي ته ملڪ جون تمام سياسي پارٽيون گھر هليون وينديون. جيڪي پارٽيون هن وقت سندن سان اقتدار ۾ شريڪ آهن، اهي سڀ پنهنجي گھريون وينديون ان سان ملڪ ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽين جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.سياسي تجزئي نگارن موجب محسن نقوي ملڪ ۾ مارشل لا لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي، ۽ پارلياماني نظام کي گھر موڪلڻ لاءِ ميڊيا مهم هلائي رهيو آهي،. پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ  کي ٽيڪ اوور ڪرڻو هو ته کين گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ڪرائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته في الحال ملڪ ۾ مارشل لا جو اهڙو ڪو پلان ناهي.جڏهن ته طاقتور شخصيت جي چوڌري  طبقو، جنهن ۾ محسن نقوي وغيره شامل آهي، اهو به چئي رهيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري (سعودي، ڪويتي، قطري ۽ آمريڪي سيڙپڪاري) اچڻ واري آهي. اڳي به جڏهن پئسا آيا هئا ته سول حڪومتن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ضايع ٿي ويا هئا. ان ڪري اهي طاقتور شخصيت کي چون پيا ته هي نادر موقعو آهي، توهان پاڻ ٽيڪ اوور ڪري ويهو ته جيئن هي پئسو ملڪي مفاد ۾ استعمال ٿئي. پر اڃا تائين طاقتور شخصيت جي ڪنهن عمل مان اهڙو اشارو ناهي مليو ته هو اوو ٽيڪ ڪرڻ چاهي ٿو.

سندس شهباز شريف ۽ سول حڪومت سان لاڳاپا ڪافي مثالي آهن.

You might also like