لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحه جي سالياني عرس جي موقعي تي 4 آگسٽ تي لاهور ۾ هڪ ڏينهن جي مقامي موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، موڪل جو آرڊر ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي ماتحت ڪم ڪندڙ ضلعي آفيسن ۽ لاڳاپيل ضلعي سرڪاري ادارن تي لاڳو هوندي.
حڪومت واضح ڪيو آهي ته پنجاب سول سيڪريٽريٽ ۽ ٻيا صوبائي سرڪاري کاتا معمول موجب کليل رهندا ۽ انهن جو ڪم متاثر نه ٿيندو.
ٻئي پاسي پنجاب جي گهرو کاتي حضرت امام حسين رضه جي چاليهي ۽ حضرت داتا گنج بخش رحه جي سالياني عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا گڏيل انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.
گهرو کاتي جي ترجمان موجب، صوبي ۾ چهلم جي موقعي تي 869 مجلسون ۽ 494 جلوس ڪڍيا ويندا، جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج ۽ رينجرز جون 43 ڪمپنيون پنجاب جي 18 ضلعن ۾ مقرر ڪيون وينديون.
You might also like