سعودي عرب، ترڪي ۽ يو اي اي کي ايران خلاف ويڙهائڻ جي سازش، اسرائيلي منصوبي جو انڪشاف

وچ اوڀر ۾ تازن پراسرار ڊرون ۽ ميزائل حملن کانپوءِ جيو پوليٽڪس جريدِي پنهنجي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن واقعن جي پويان ايران بدران اسرائيل جي پراڻي "فالس فليگ” حڪمت عملي شامل ٿي سگهي ٿي.

هند سمنڊ ۾ قائم برطانوي فوجي اڏي تي اوچتو ميزائل حملي ۽ گڏيل عرب امارات جي باراڪاه ايٽمي پلانٽ ڀرسان ڊرون ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن فوري طور ايران کي ذميوار قرار ڏنو، پر رپورٽ موجب اندروني ثبوت مختلف تصوير پيش ڪن ٿا.

جيو پوليٽڪس جريدِي جي تفصيلي رپورٽ موجب اهي سموريون ڪارروايون ۽ سيڪيورٽي ڊراما انهن "فالس فليگ” آپريشنن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا، جيڪي ماضي ۾ اسرائيلي فوجي انٽيليجنس سان منسوب رهيا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  1954ع ۾ اسرائيلي فوجي انٽيليجنس ”امان“ آپريشن سوسانا تحت مصري يهودين وسيلي قاهره ۽ اسڪنڊريا ۾ برطانوي ۽ آمريڪي مرڪزن تي بم ڌماڪا ڪرايا هئا، ته جيئن الزام اخوان المسلمين تي مڙهي برطانيا کي سوئيز ڪينال مان فوجون واپس نه گهرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

ان واقعي کي ”لافون افيئر“جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جتي هڪ بم وقت کان اڳ ڦاٽڻ سبب سڄو نيٽ ورڪ بي نقاب ٿي ويو ۽ اسرائيل جي بچاءَ واري وزير پنحاس لافون کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

رپورٽ موجب جيڪڏهن تازن واقعن تي نظر وجهجي ته مارچ 2026ع ۾ ڊياگو گارشيا ۾ قائم برطانوي ۽ آمريڪي فوجي اڏي تي ٻه ميزائل فائر ڪيا ويا، پر ايران ان ۾ ملوث هجڻ جي سخت ترديد ڪندي چيو ته 4 هزار ڪلوميٽر جو فاصلو ايراني ميزائلن جي حد کان ٻيڻو آهي.

ساڳئي ريت مارچ 2026ع ۾ ترڪي ڏانهن ايندڙ ميزائلن بابت به تهران چيو ته اهو انقره ۽ تهران جي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي سازش هئي.

رپورٽ موجب سعودي عرب جي راس تنوره آئل ريفائنري تي حملو به ايران جي سرحدن تي جاري بمباري تان عالمي ڌيان هٽائڻ ۽ عرب ملڪن کي ايران خلاف اڀارڻ جي ڪوشش هئي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 17 مئي 2026ع تي گڏيل عرب امارات جي باراڪاه ايٽمي پلانٽ تي ٿيل ڊرون حملو سعودي عرب جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ڪلوميٽر ڊگهي فضائي حد کي ريڊار کان لڪي پار نٿو ڪري سگهي، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته اهو حملو سمنڊ ۾ موجود اسرائيلي بحري جهازن تان ڪيو ويو هو.

You might also like