پينٽاگون جو ڪوڙ وائکو، ايران سان جنگ ۾ 14 آمريڪي فوجين جي مرڻ ۽ 400 کان مٿي زخمي ٿيڻ جو انڪشاف

تازين دستاويزن ايران سان جنگ جي شروعاتي هفتن دوران آمريڪي فوج کي ٿيل جاني نقصان ۽ زخمين جي حقيقي انگن اکرن تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي.

آمريڪي بچاءَ واري وزارت (پينٽاگون) طرفان ڪيترن مهينن تائين لڪائي رکيل ڳجهن دستاويزن جي سامهون اچڻ کانپوءِ ايران سان جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ آمريڪي فوج کي ٿيل جاني نقصان جي اصل صورتحال ظاهر ٿي وئي آهي.

جاري ڪيل انگن اکرن موجب جنگ جي شروعاتي هفتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 400 آمريڪي فوجي جاني نقصان جو شڪار ٿيا، جن مان ڪيترن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي رهي.

زخمين ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ انهن فوجين جو هو، جيڪي مٿي تي شديد زخمن جو شڪار ٿيا، جن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 170 ڄاڻايو ويو آهي.

آمريڪي بري فوج کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو، جتي 270 کان وڌيڪ اهلڪار متاثر ٿيا، جن ۾ 64 آفيسر، 2 جنرل ۽ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ريزرو فورس جا اهلڪار شامل هئا.

جنگ جو سڀ کان خطرناڪ واقعو پهرين مارچ تي پيش آيو، جڏهن ڪويت جي پورٽ شعيبه ۾ قائم آمريڪي آپريشنز سينٽر تي هڪ ايراني ڊرون ڪامياب حملو ڪيو، جنهن ۾ 6 آمريڪي فوجي مارجي ويا.

رپورٽن موجب حملي کان اڳ آمريڪي جنرلن کي ان هنڌ جي غير محفوظ هجڻ بابت انٽيليجنس رپورٽون ڏنيون ويون هيون، پر انهن خبردارين کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) تي محدود ۽ اڌوري معلومات جاري ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. جنگ جي ٻن انتهائي خونريز ڏينهن، مطلب 3 مارچ تي 29 ۽ 18 مارچ تي 70 جاني نقصانن بابت سينٽڪام ڪڏهن به تفصيلي ڄاڻ عوام آڏو پيش نه ڪئي، بلڪه صرف مهينيوار گڏيل انگ اکر جاري ڪيا ويندا رهيا.

8 جولاءِ تي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان معاهدو ختم ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ تازي حملن ۾ آمريڪي فوج جا وڌيڪ 200 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي ۽ 4 وڌيڪ فوجي مارجي ويا.

29 جولاءِ 2026 تائين جاري ڪيل سرڪاري خلاصي موجب جنگي ۽ غير جنگي واقعن ۾ گڏيل طور 14 آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته مختلف شعبن سان لاڳاپيل 417 اهلڪار زخمي ٿيا.

You might also like