آمريڪا مهم جوئي کان مڙي وڃي نه ته سخت جواب ڀوڳيندو: عباس عراقچي

تهران(ويب ڊيسڪ)خبر ايجنسي موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي آرمي چيف، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون.

عباس عراقچي چيو ته آمريڪا ڪنهن به مهم جوئي کان پاسو ڪري، ڇو ته آمريڪا جي ڪنهن به جارحاڻي قدم جو سخت جواب ڏنو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪنهن به جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته جيڪڏهن علائقي جا ٻيا ملڪ به اهڙي جارحيت ۾ شامل ٿيا ته انهن کي به سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like