واشنگٽن(ويب ڊيسج)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ايران اڄ تائين ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي صدر جو مقابلو ناهي ڪيو.
هن چيو ته ٽرمپ ايران خلاف اها ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪا اڳين آمريڪي حڪومتن نه ڪئي.
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته ايران هاڻي بنا نتيجي وارن ڳالهين جي اميد نه رکي، ايران ڏهاڪن کان ڪوڙ ڳالهائيندو، معاهدا ٽوڙيندو ۽ ٻين کي معاهدن جي نالي ۾ دوکي ۾ رکندو رهيو آهي.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بامعنيٰ ڳالهين ڏانهن واپس نه اچڻ تائين ايران کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.