سسٽم مان فائدو کڻندڙ هاڻي ان کي ناڪام چئي رهيو آهي

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله محسن نقوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پهريان هن ئي نظام مان فائدو وٺندا رهيا، اهي هاڻي ان کي ناڪام قرار ڏئي رهيا آهن.چونڊ مهم دوران خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته، ”زرداري صاحب جا ٻيو پٽ چئي رهيو آهي  ته هي نظام ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اڳتي هلڻ جي قابل ناهي رهيو، جڏهن ته هن ئي نظام ۾ توهان ساڍن ٽن سالن ۾ 30 سالن جو سفر طئي ڪيو. توهان ڪٿان نڪتا هئو ۽ اڄ ڪٿي پهتا آهيو؟ هاڻي اوهان کي احساس ٿيو آهي ته نظام نٿو هلي.“هن چيو ته هاڻي توهان کي خبر پئي آهي ته هي نظام ٺيڪ ناهي، جڏهن ته اوهان پاڻ هن ئي نظام مان فائدو حاصل ڪيو آهي.“راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو پارلياماني جمهوري نظام قائداعظم ملڪ کي ڏنو هو ۽ اهو عوام جي سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ قائم ٿيو. سندس چوڻ هو ته هر شخص کي ان حقيقت جو ادراڪ هجڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته انتظامي يونٽن بابت بحث الڳ معاملو آهي، پر پارلياماني جمهوري نظام تي سوال اٿارڻ مناسب ناهي. سندس چوڻ هو ته سياسي معاملن کي هميشه آئين ۽ جمهوريت جي دائري اندر اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ملڪي نظام کي به انهيءَ تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته توهان جلسي ۾ اچي اهو چئو ته  وزيراعظم ته فارم 47 جو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم لاءِ ڏنل ووٽ فارم 47 جا آهن ته پوءِ اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته صدر جيڪي ووٽ ورتا، اهي ڪهڙي فارم جا هئا؟ هن چيو ته نوازشريف کي اهو چئو ته هو پهريون ڀيرو يا هميشه ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻيو آهي ته پوءِ توهان ياد ڪريو،هتي اها ڳالهه به ٿيندي آهي ته ڪو پهريون ڀيرو ملڪ ٽوڙڻ کانپوءِ وزيراعظم بڻيو هو،

You might also like