ٽرمپ، ايران تي وڏي حملي جو فيصلو واپس وڃي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هن ايران تي تجويز ڪيل حملي جو منصوبو رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر اهو فيصلو ان شرط سان لاڳاپيل آهي ته ايران سان جلد ڪنهن معاهدي تي پهچيو وڃي.

ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن تيزي سان معاهدو ٿي وڃي ته ايران تي حملو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته سندس چوڻ موجب اسرائيل به ان موقف تي آمريڪا سان گڏ آهي.

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ڪجهه ٻين ملڪن آمريڪا کان حملي کي روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ٽرمپ موجب تجويز ڪيل معاهدي ۾ آبناءِ هرمز کي فوري، مڪمل ۽ مستقل طور کولڻ ۽ ايران جي جوهري پروگرام بابت موجود خدشن جو خاتمو شامل آهي.

You might also like