آزاد ڪشمير چونڊون: ٻئي مرحلي جي پولنگ ختم، ڪجهه هنڌن تي دير، حملن ۽ ڌانڌلي جي الزامن سبب ڇڪتاڻ

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ جو عمل ختم ٿي ويو. پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 5 وڳي تائين جاري رهڻي هئي، پر ووٽرن جي وڌيڪ رش سبب اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن موجب مظفرآباد ڊويزن جي 9 ۽ مهاجرن جي 12 تڪن تي ووٽرن جي سهولت خاطر پولنگ جو وقت وڌايو ويو.

مظفرآباد ڊويزن جي تڪ ايل اي 27 جي سڀني 196 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون. اختيارين موجب خراب موسم ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب پولنگ جو سامان وقت تي نه پهچي سگهيو.

پوليس موجب آزاد ڪشمير جي نيليم وادي ۾ ووٽ ڏئي واپس ايندڙ ماڻهن جي گاڏي بجلي جي تار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪرنٽ لڳڻ سان 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ 7 عورتون ۽ هڪ ڊرائيور شامل آهن. واقعو ميونسپل ڪميٽي اٿمقام جي وارڊ لاله ۾ پيش آيو، جتان زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال اٿمقام منتقل ڪيو ويو.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ صدر آزاد ڪشمير چوڌري لطيف اڪبر تي حملي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

فيصل ممتاز راٺوڙ پنهنجي بيان ۾ الزام هنيو ته مسلم ليگ (ن)سان لاڳاپيل شرپسند عنصرن چوڌري لطيف اڪبر تي حملو ڪري ناقابلِ برداشت عمل ڪيو آهي، جڏهن ته هن آزاد ڪشمير ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڪجهه تڪن ۾ پولنگ دير سان شروع ٿي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) تي مبينا ڌانڌلي جا الزام هنيا آهن. پيپلز پارٽي جي اليڪشن سيل ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط پڻ موڪلي ڇڏيو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نديم افضل چن چوڌري لطيف اڪبر تي حملي جو الزام هنيو، جڏهن ته شيري رحمان واقعي جي سخت مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جو ٻيو مرحلو پرامن نموني جاري رهيو، جڏهن ته ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙن کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) غلام مصطفيٰ مغل مظفرآباد ۾ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪندي چيو ته انٽرنيٽ جي بحالي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي ۽ ان بابت جلد صورتحال واضح ٿي ويندي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به دٻاءَ هيٺ ڪم نه ڪندي ۽ سمورا فيصلا قانون موجب ڪيا ويندا.

مظفرآباد ڊويزن ۾ مجموعي طور 1,483 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جڏهن ته جمون ۽ ويلي جي تڪن لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن، جن ۾ ڪراچي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد شامل آهن، پولنگ پڻ ٿي.

ڪراچي ۾ جمون هڪ ۽ ڪشمير ويلي هڪ جي ٻن تڪن لاءِ 34 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پڻ مهاجرن جي ٽن تڪن تي ووٽنگ ٿي.

ويلي 4، ويلي 5 ۽ جمون 6 جي تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، استحڪام پاڪستان پارٽي، جماعت اسلامي ۽ مسلم ڪانفرنس جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو.

مظفرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 8 لک 90 هزار 621 آهي، جن مان 4 لک 27 هزار 955 مرد ۽ 3 لک 81 هزار 666 عورت ووٽر شامل آهن.

You might also like