لاهور(ويب ڊيسڪ)صحافي نجم سيٺي دعويٰ ڪئي آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ طاقتور حلقن وچ ۾ ڪجهه معاملن تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جو هڪ اهم سبب جوڊيشل ڪميشن طرفان هاءِ ڪورٽن ۾ 19 ججن جي مقرري آهي.
نجم سيٺي موجب، صدر آصف علي زرداري کي ججن جي فهرست تي خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس ويجها سمجهيا ويندڙ ٻه جج ان فهرست ۾ شامل ناهن، جنهن سبب هو ناراض آهن ۽ گذريل اٺ کان ڏهن ڏينهن کان لاڳاپيل سمري تي صحيح نٿا ڪن.
هن دعويٰ ڪئي ته آئين موجب صدر وٽ فيصلو ڪرڻ لاءِ محدود وقت آهي ۽ 15 ڏينهن اندر سمري بابت فيصلو ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن هو سمري واپس به موڪلي ٿو ته اهو معاملو ٻيهر وٽس اچي سگهي ٿو، جڏهن ته لڳاتار دير جي صورت ۾ منظوري پاڻمرادو به تصور ٿي سگهي ٿي.
نجم سيٺي موجب، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايوانِ صدر وڃي صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران کيس پيغام ڏنو ويو ته هو سمري تي صحيح ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو سندس اختيار کان ٻاهر آهي ۽ ”مٿان“ کان آيل آهي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته محسن نقوي صدر زرداري کي چيو ته سندس هاڻوڪي رويي سبب اين ايف سي ايوارڊ، مڪاني حڪومتن ۽ ٻين پاليسي معاملن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي موقف بابت راولپنڊي ۾ موجود طاقتور حلقا مطمئن ناهن.
نجم سيٺي موجب، صدر زرداري کي اهو به چيو ويو ته هو سمري تي صحيح ڪري، ڇو ته ٻيو ڪو به رستو موجود ناهي. جيڪڏهن صحيح نه ڪئي وئي ته پوءِ ”ريڊ لائنز“ پار ٿيڻ جا نتيجا کيس پاڻ به خبر آهن.