اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير ۾ گذريل ٻن مهينن کان احتجاج جاري آهي، جڏهن ته حڪومت طاقت جي زور تي تحريڪ کي دٻائڻ تي اڙي بيٺي آهي. هن چيو ته هو ڪشميري عوام جي صبر ۽ برداشت کي سلام پيش ڪري ٿو.
پنهنجي وڊيو پيغام ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته 5 جون کان ڪشمير ۾ حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون، جنهن کانپوءِ هڪ ڪميٽي ٽياڪڙي لاءِ درخواست ڪئي.
هن چيو ته ڪميٽي مٿس اعتماد ڪيو، پر حڪومت ان کي ڪا اهميت نه ڏني ۽ طاقت جي استعمال سان تحريڪ کي ختم ڪرڻ تي بضد رهي.
مولانا فضل الرحمان ڪميٽي کي اپيل ڪئي ته وڌيڪ ڪجهه مهلت ڏني وڃي ۽ ڪو وڏو قدم نه کنيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام جو صبر ۽ برداشت قابلِ تحسين آهي، جڏهن ته اها تحريڪ سڄي ڪشمير ۽ دنيا جي مختلف ملڪن تائين پکڙجي رهي آهي.
مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو ته رياستي ادارا رت وهائڻ بدران ٺاهه، ڳالهين ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪن.