ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي گهٽتائي کان پوءِ نئون اگهه 4 لک 26 هزار 736 رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت به 3 هزار 202 رپيا گهٽجي 3 لک 65 هزار 857 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 37 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ في اونس سون جو اگهه 4 هزار 43 ڊالر ٿي ويو آهي.