ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي فلم انڊسٽري جي پروڊيوسر شيلندر سنگهه سلمان خان بابت هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، شيلندر سنگهه هڪ انٽرويو دوران ماضي جون يادون تازيون ڪندي ٻڌايو ته هڪ رات هو سلمان خان سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويو. سلمان جي مينيجر ريشما شيٽي نشاندهي ڪئي ته سپر اسٽار جا وار ڪرڻ لڳا آهن، جنهن کانپوءِ هن وارن جي علاج بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن پوءِ هڪ ملاقات لاءِ جڏهن هو سلمان خان وٽ ويو ته اتي هڪ حيران ڪندڙ منظر ڏٺو.
شيلندر سنگهه موجب، سلمان خان جي هڪ انوکي عادت هئي ته هو آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي کاڌو کائيندو هو. هن ٻڌايو ته هو ٻئي باورچي خاني ۾ ويٺا هئا ۽ سلمان برياني کائي رهيو هو. باورچي خاني ۾ هڪ ننڍڙي ميز سامهون آئينو لڳل هو، تنهن ڪري هو آمهون سامهون ويهڻ باوجود به آئيني ۾ ڏسندي ڳالهائيندو هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڳالهين دوران هڪ شخص طبي اوزار کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو، دستانا پائي بنا ڳالهه ٻولهه ۾ خلل وجهڻ جي سلمان خان جي مٿي جي چمڙي ۾ انجيڪشن لڳائڻ شروع ڪيا.
شيلندر سنگهه چيو ته اهو منظر ڏسي کيس تجسس ٿيو، جنهن تي هن سلمان خان کان پڇيو ته اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟ سلمان جواب ڏنو، ”ڀاءُ، اسٽار ٿيڻ جي به هڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي“.
هن ٻڌايو ته علاج جو عمل جاري رهيو ۽ سلمان خان ساڳئي وقت آرام سان برياني به کائيندو رهيو.
شيلندر سنگهه موجب، انکانپوءِ کيس خبر پئي ته سلمان خان ”پليٽليٽ رچ پلازما (پي آر پي) ٿراپي“ ذريعي وارن جو علاج ڪرائي رهيو هو.