ڪراچي ۾ ڪاٿي ٿورو ته ڪاٿي گهڻو مينهن، موسم وڻندڙ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز مينهن پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

موسمي حالتن ۽ سخت گرمي سبب ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مٿان ڪڪر ٺهي پيا، جيڪي هاڻي وسڻ شروع ٿي ويا آهن.

سرجاڻي ٽائون، گلشن معمار ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هلڪي کان وچولي برسات پئي، جڏهن ته گڊاپ ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز مينهن وسي پيو.

شهر جي ٻين علائقن ۾ به آسمان ڪڪرن سان ڍڪيل آهي ۽ مينهن آڻيندڙ ڪڪر شهر مٿان ڇانيل آهن، جنهن سبب وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ آسمان گهڻو ڪري ڪڪرن سان ڍڪيل رهندو ۽ برسات جا امڪان آهن. جڏهن ته اڄ منجهند ڌاري شهر ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ واري موسم محسوس ڪئي وئي هئي.

You might also like