پي ٽي آءِ جو وفاقي حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ لاءِ جي يو آءِ سان رابطو

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وفاقي حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ لاءِ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي قيادت جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت خلاف گڏيل احتجاج ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.

پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جمعيت علماءِ اسلام في الحال گڏيل احتجاج جي حمايت نه ڪئي آهي. جي يو آءِ جو موقف آهي ته احتجاج کان اڳ ٻنهي پارٽين وچ ۾ مڪمل اعتماد بحال ٿيڻ ضروري آهي.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي قيادت وچ ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ گڏيل حڪمت عملي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

جمعيت علماءِ اسلام خيبرپختونخوا جي ترجمان عبدالجليل جان چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي سنجيده قيادت سامهون ايندي ته ڳالهيون اڳتي وڌنديون، ڇو ته هينئر تائين اهو واضح ناهي ته پي ٽي آءِ جا فيصلا آخر ڪير ڪري ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي سندن تحفظن کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ کين پنهنجي سوشل ميڊيا کي ضابطي ۾ رکڻو پوندو.

هوڏانهن، پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي ترجمان شوڪت يوسفزئي جيو نيوز سان ڳالهائيندي جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ملاقاتن جي تصديق ڪئي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان سڌيون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن ۽ وفاقي حڪومت خلاف اثرائتي تحريڪ هلائڻ بابت ٻنهي پارٽين ۾ هم آهنگي موجود آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي معاملن تي ٻئي پارٽيون اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪيون آهن.

You might also like