راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزموديل آهي، جيڪا وقت جي هر ڪسوٽي تي پوري لٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي قيام جي 99هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ مقرر چين جي دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي عملدارن ۽ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
تقريب دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ پيپلز لبريشن آرمي کي 99هين يومِ تاسيس تي مبارڪباد پيش ڪندي چين جي بچاءَ، قومي ترقي، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ان جي نمايان خدمتن کي ساراهيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت جي هر آزمائش ۾ مضبوط ثابت ٿي آهي ۽ علائقائي توڙي عالمي چئلينجن باوجود ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم رهيا آهن.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجون ۽ پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن.
هوڏانهن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ تقريب جي انعقاد تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا ٿورا مڃيا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي خدمتن ۽ قربانين کي ڀرپور ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، چيني سفير پاڪستان سان پنهنجي غيرمتزلزل حمايت جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.