ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج جو دائرو وڌڻ لڳو، نواب شاهه ۾ مظاهرو

نوابشاهه  ( خاص عيوضي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف تحريڪ جو دائرو وڌي رھيو آھي سنڌ جي ٻئي وڏي شھر حيدرآباد کان پوءِ نوابشاھ ۾  ايم آر ايم  تحريڪ جي بينر ھيٺ وڏو احتجاج ٿيو آھي . شاگردن ،سول سوسائٽي ۽ ٻين سماجي توڙي سياسي تنظيمن  ايڇ.ايم خواجا لائبريري کان نوابشاھ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ھن ريلي حيدرآباد ۾ لڳل ڌرڻي جي حمايت ڪندي  اھو مطالبو ڪيو ويو  تہ ايس.پي.ايس.سي ۾ ميرٽ کي يقيني بڻائيندي 2024  واري چٽاڀيٽي واري امتحان جي نتيجن کي رد ڪري ھڪ صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي انڪوائري جي دائري ۾ آندو وڃي.ھنن  وڌيڪ  چيو ته ايس.پي.ايس.سي ۾ سليبس کان ٻاھران سوال پڇيا ٿا وڃن جنھن ڪري ھن اداري ۾ مستقل تبديلي جي ضرورت آھي.ريلي جي اڳواڻي انضمام خاصخيلي عبدالمجيد مغيري، سعيد جوکيو، سلمان ڪيريو، افضل خاصخيلي، اسد علي، سلمان ڪيريو، بلال منگي، اسرار لنڊ، لال ڏنو، علي رضا چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. جڏھن تہ شرڪت ڪندڙن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ ذولفقار رستماڻي،ھاري ويلفيئر جو چيئرمين اڪرم خاصخيلي، تعليمدان فدا حُسين بلوچ ۽ ٻيا شامل ھئا.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مسئلو رڳو ايس پي ايس سي ناھي مسئلو ادارن اندر ۽  نوڪرين اندر ھلندڙ سفارش ڪلچر، رشوت ۽ پنھنجا نوازي آھي جنھن جو شڪار ھر نوجوان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کان وٺي نوڪري حاصل ڪرڻ تائين ٿئي ٿو. تعليم کان نوڪرين تائين ڪرپٽ سرڪار منڊي لڳايو ويٺي آهي.

You might also like