ملير، سسئي ٽول پلازا انتظاميا غيرقانوني ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي ٻيڻي ڪري ڇڏي

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سسئي ٽول پلازا گهگهر جي خانگي بااثر ٺيڪيدار مبينا طور غيرقانوني ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي ڊبل ڪري ڇڏي، هزارين ايندڙ ويندڙ گاڏين کان غيرقانوني وصولي جو سلسلو جاري، حد جي ايم پي اي اهڙي عمل کي رد ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اين 5 نيشنل هاءِ وي تي قائم مبينا غيرقانوني سسئي ٽول پلازا جيڪو فقط گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ريلوي پل جو واحد ٽول ٽيڪس وصول ڪيو ٿو وڃي جنهن کي ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، سياسي سماجي ۽ واپاري حلقن پاران غيرقانوني قرار ڏيندي حڪومت سنڌ ۽ وزارت ورڪس اينڊ سروسز کان گهر ڪئي آهي ته مبينا غيرقانوني سسئي ٽول پلازا تان وصول ٿيندڙ ڳري ٽيڪس ختم ڪري ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کان ڪراچي جي عوام لاءِ ايندڙ تازيون سبزيون، فروٽ ۽ معدني اسمن وارن گاڏين مٿان اچڻ ۽ وڃڻ جو ٽيڪس وصول ڪري عوام کي ٻنهين هٿن سان ڦريو پيو وڃي ان سلسلي ۾ حد جي ايم پي اي محمد ساجد جوکيو جو چوڻ آهي ته اهو ظلم آهي ۽ عوام مٿان ٽيڪس جو وڏو وزن آهي جڏهن ته ٺٽو ۽ گهگهر واري آسپاس مان زرعي پيداوار جيڪا اسان جي عالمي حيثيت رکندڙ شهر ڪراچي کي بغير ڪنهن وقفي جي تازيون ڀاڄيون فروٽ کير، پولٽري سميت ڪيتريون ئي انسانيت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪندڙ واپاري ۽ عام شهري کان ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ آئون سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس، مبينا ٽيڪس جي غيرقانوني وصولي خلاف سماجي اڳواڻ اڪبر ڪلمتي، واپاري تنظيمن جي اڳواڻ محمد سليمان جوکيو ۽ ٻين سسئي ٽول پلازا جي ٽيڪس کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي ان مسئلي تي ترت ڌيان ڏئي فوري ٽول ٽيڪس ختم ڪري ٽول تي موجود عملي پاران ماڻهن سان غير اخلاقي سلوڪ خلاف قدم کنيو وڃي، ان سلسلي ۾  ٺيڪو کڻندڙ پيپلز پارٽي جي هڪ بااثر شخصيت ٺيڪيدار سان فون تي رابطو ڪرڻ جي باوجود هن پنهنجو موقف ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي، هوڏانهن ٽراسپورٽ اتحاد جي اڳواڻ اقبال خان ۽ وهاب خان چيو ته سسئي ٽول پلازا تي اسان جي هيوي ٽرانسپورٽ جيڪا ڪراچي جي ترقي ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪري ٿي تنهن کان ڳري ٽيڪس وصول ڪئي ٿي وڃي اسان اعليٰ اختيارين کان اهڙي غيرقانوني ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا جڏهن ته ٽول پلازا تي ٽريفڪ جو جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي جنهن خلاف به تحرڪ ورتو وڃي.

You might also like