ويھين صديءَ ۾ برصغير ۾ ترقي پسند فڪر ڪيترن ئي شخصيتن جي آبياري ڪئي. انھن ۾ سيد سبط حسن جو نالو سڀ کان مٿانهون ليکيو وڃي ٿو. ھو ھڪ ئي وقت صحافي به نظر اچي ٿو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جو متحرڪ ڪردار به. مارڪسي فڪر، فلسفي ۽ روشن خيالي کي فروغ ڏيندڙ به ته تاريخ کي سائنسي رخ کان پنھنجن لکڻين ۾ پيش ڪندڙ ۽ انھن سمورن لڪل مظھرن جي پويان سببن کي ظاھر ڪندڙ به. ھو سکڻو دانشور نه ھو پر عملي طور به اھو متحرڪ ڪردار ھو جنھن جي سماج ۽ ماڻھن کي اشد ضرورت ھجي ٿي. ھن جوانيءَ ۾ جنھن آردش جي ستي ورتي ھئي، انهيءَءِ آدرش جي فڪري ڦھيلا لاءِ آخري دم تائين ھڪ مشن سمجھي ڪليدي ڪردار ادا ڪيو.
سيد سبط حسن "امبالا” اعظم ڳڙھ،يو پي ۾ 16 جولاءِ 1916 ۾ پيدا ٿيو پر هو جڏهن علي ڳڙھ تعليم جي حصول لاءِ ويو ته ھن جي وڏن عالمن ۽ اديبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، ۽ اتي کاٻي ڌر جي ادبي ۽ سياسي فڪر سان واڳجي ويو ۽ انهيءَ دور ۾ شاگرد ھوندي ئي ”نيا ادب“ جھڙي ترقي پسند رسالي جو ڪامياب ايڊيٽر ٿيو،جنھن سبب کيس وڏي عزت ۽ شھرت ملي. علي ڳڙھ مان تعليم پوري ڪري ھو حيدرآباد دکن ھليو ويو، جتي قاضي عبدالغفار جي اخبار ”پيام“ سان جڙيو. جنھن سان سندس صحافتي زندگيءَ جو دور شروع ٿيو. حيدرآباد کان اڳ لکنئو ۾ رھڻ دوران انجمن ترقي پسند مصنفين سان لاڳاپجي ويو ھو، پر حيدرآباد اچڻ کانپوءِ اتي انجمن ترقي پسند مصنفين جو ٻين دوستن سان گڏجي بنياد وڌو. حيدرآباد دکن جيڪا بنيادي طرح خود مختيار رياست ته ھئي پر جاگيرداڻي دٻدٻي جي ڪري سياسي ۽ ترقي پسند فڪر جي حوالي سانConservative ھئي. اتي ترقي پسند تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ ڪيتريون ئي عاليشان ڪانفرنسون ڪوٺائڻ سبط حسن جو ئي ڪمال ھو.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1948ع ۾ سبط حسن لاھور آيو. ھتي ھن پارٽي جي پولٽ بيرو جي رڪن ۽ صحافي طور ڪم ڪيو. پارٽي جي اعلان نامن کان وٺي دستاويزن تائين سڄي لک پڙھ جي ڪم جو ذمون ھن جو ھوندو ھيو ۽ عملي طور متحرڪ رهي پارٽي کي تمام گھڻو مضبوط ڪيو. جڏهن امروز ۽ پاڪستان ٽائمز جي باني ترقي پسند سياستدان ميان افتخار الدين جڏهن ھفت روزہ ”ليل و نھار“ ڪڍيو ته ان جو ايڊيٽر سبط صاحب کي ڪيائين. ھن ھفته روزہ ۾ اھڙو ته ادبي ۽ صحافتي رنگ ڀريو جو انگريزي اخبارون به ان جي اڳيان ڦڪيون محسوس ٿيڻ لڳيون ۽ ھن اخباري مصروفيتن باوجود ڪميونسٽ پارٽي ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين کي مناسب وقت ڏنو ۽ مضبوط ڪيو.1951ع ۾ راولپنڊي بغاوت ڪيس ۾ سجاد ظھير، فيض احمد فيض ۽ ٻين سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ وري 1955ع ۾ ٻيھر ايوب جي آمريت وقت جيل ياترا ڪئي. جيل ۾ هجڻ دوران ته ڪو به ملاقاتي نه ايندو ھئس ڇو ته نظر بنديءَ جي قانون مطابق صرف ڪو ويجھو عزيز ئي ملاقات ڪري پئي سگھيو، جڏھن ته سبط صاحب پاڪستان ۾ تن تنھا ئي آيو ھو. اھو ڪيترو نه ڀيانڪ وقت ھوندو جڏھن سالن جا سال زندان ۾ هجڻ دوران ڪو ملاقاتي نه ھجي ۽ اھڙو جبر سبط حسن جھڙو اڏول ماڻھو ئي برداشت ڪري پئي سگھيو.
ھن کي ٻين ترقي پسند دانشورن وانگر پاڪستان ۾ اچڻ سان اھا اميد ھئي ته نئون ملڪ جمھوريت، سماجي انصاف ۽ ترقي جي اصولن تي گامزن ٿيندو، پر جلد ئي کيس محسوس ٿيو ته پاڪستان ۾ جاگيرداري، بيوروڪريسي ۽ آمريت مضبوط ٿي رهي آهي. انهيءَ صورتحال سندس فڪر کي وڌيڪ جلا بخشي ھن پنھنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ انھن قوتن تي وڏي بي باڪي سان لکيو جيڪي جھوريت، سماجي انصاف جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن۔
سبط صاحب لاھور کان ڪراچي اچڻ بعدمستقل مزاجي سان تحريري ڪم ڪندي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا، جيڪي ترقي پسند فڪر جي حوالي سان اڄ به اوترا ئي Relevent آھن، جيترا لکڻ وقت ھئا. سبط صاحب خيالي دانشورن جي مغالطن،غير عقلي تصورن کي رد ڪندي، انساني معاشري جي تاريخ کي جنھن تحقيقي ۽ فڪري انداز ۾ لکيو ان سان توھمپرستي ۽ تقليدپرستي جي بيخ ڪني ٿي وئي. ھن پنھنجن ڪتابن ۾ ارتقائي عمل، سماج جي ٺھڻ،رياستن جي جوڙجڪ، تھذيبن ۽ تمدنن جي عروج ۽ زوال، نون آلاتن جو پيداوار ۽ سماج تي اثر، معاشي ترقي جي ڦيٿي جو اڳتي وڌڻ ۽انھن جي ڪري پوندڙ اثر ۽ فڪر دانش جي ارتقا ۽ قديم آثارن جون ڪھاڻيون ، انساني وھمن ۽ وسوسن تي ٻڌل روايتي قصا اھڙي طرح ٻڌايا آھن جو مشڪل موضوع به عام پڙھندڙ لاءِ ڄاڻ جا ڀنڊار ٿي پيا آھن. ھن جا هڪ درجن جي قريب ڪتاب لکيل آهن انھن ۾ ” شهر نگاران”، "پاڪستان ۾ تهذيب کا ارتقا” ،”ماضي ڪي مزار” ، "موسي سي مارڪس تڪ”، "انقلاب ايران”، "نويد فڪر”، "سخن در سخن”،افڪار تازه،”ادب اور روشن خيالي”ڀڳت سنگھه اور اس ڪي ساٿي”،مارڪس اور مشرق” شامل آهن.هونئن ته سندس سڀ ڪتاب اھميت وارا آهن پر انهن مان ”ماضي ڪي مزار“ ۽ ”پاڪستان ۾ تھذيب ڪا ارتقا“ وڌيڪ اهيت جوڳا آھن. جن ۾ عظيم تھذيبن جي ارتقائي سفر جو جائزو ورتل آھن، انھن ۾ سنڌ جي تھذيب تي جنھن عالمانه نموني لکيو ويو آھي، اھو سندس ھن ڌرتي ۽ ماڻھن سان سلھاڙجڻ جو وڏو مثال آھي. اھڙي طرح ”نويد فڪر“ ۾ جنھن نموني سان شاھ عنايت شھيد جو پهرين سوشلسٽ صوفي طور ذڪر ڪيو ويو آھي، اھو سنڌ جي هاري هلچل ۽ سوشلسٽ شعور جو وڏو باب آھي جنهنکي سنڌ جي ترقي پسند اديب رشيد ڀٽي، ”جڏھن جھوڪ جهريو“ جي عنوان سان ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو.
اھڙي طرح سبط صاحب جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿيل آھن جن ۾ ”موسي کان مارڪس تائين“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ترجمو ڪري ڇپرايو ھو. اھڙي طرح سندس ڪتابن جا اھم باب سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ترجمو ڪري ڇپيا ويا آھن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پڙھندڙن پڻ سندس سائنسي فڪر مان وڏو لاڀ حاصل ڪيو آهي.
سبط صاحب جو ”شاھ عبداللطيف “ تي سندس مضمون سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان محبت جو اھڙو اظهار آهي، جيڪو سنڌ ۽ لطيف سان محبت ڪندڙ ئي لکي سگهي ٿو :
سبط صاحب جا جيڪي به ڪتاب آھن، اھي علم ۽ دانش جا سمنڊ آھن. ھن ترقي پسند فڪر جي آبياري ڪئي ، وڏي عمر جي باوجود 1985ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ حصي وٺڻ لاءِ لنڊن ويو. ۽ اتان موٽي وري اپريل 1986 جي اوئل ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ملھائڻ ۾ به نوجوانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي يادگار ڪري ڇڏي. منهنجي ۽ منهنجي گهوٽڪي ۽ سکر جي ادبي سٿ جي ساٿين جي اها خوشنصيبي آهي جو ھن عظيم انسان سان پنھنجن انهن دوستن سان گڏ اتي ملڻ ۽ آمهون سامهون ڪچهري جو موقعو مليو، ھو بوسڪي ڪلر جي سفاري سوٽ ۾ بزرگ ھوندي به سونھن ۽ سندرتا جو سمبل لڳي رھيو ھو.مختلف سيشنز جي چانهھ جي وقفي دوران نوجوانن سان رلي ملي انھن جي سوالن جا پنھجائپ سان جواب ڏيندو ھو اڄ به ساڻس نڪتل تصوير مون وٽ وڏي وٿ آهي. سبط صاحب ترقي پسندن سان جواني واري وابستگي کان وٺي وفات تائين سلھاڙيل رھيو. انهيءَ سلسلي ۾ھندوستان ۾ اپريل 1986 جي آخر ۾ رٿيل انجمن جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو جتي 20 اپريل 1986 تي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ لطيف سائين جي هن سٽ جي مصداق "جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي”
هن انقلابي انسان ۽ جدوجهد جي سمبل تحرڪ ۾ رهندي اتي ئي ھن آخري پساه پورا ڪيا.هو جسماني طور ته اسان کان جدا ٿيو آهي پر سندس انقلابي ڪردار اڄ به زنده آهي جيڪو آدرشي رند جي پانڌيئڙن جي اڄ به رهنمائي ڪندو رهي ٿو۔