ايران کي جلد چين جو هوائي بچاءَ وارو نظام ملڻ جا امڪان

برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران کي ايندڙ ڪجهه هفتن دوران چين کان هوائي بچاءَ واري ميزائل نظام جي پهرين کيپ ملڻ جو امڪان آهي.

پرڏيهي خابرو اداري معاملن کان واقف ٽن ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ايران کي چين ۾ تيار ڪيل ڪلهي تي رکي فائر ڪيا ويندڙ هوائي بچاءَ وارن ميزائلن جي پهرين کيپ جلد ملي سگهي ٿي.

برطانوي ميڊيا موجب آمريڪا سان جاري جنگ دوران ايران پنهنجي هوائي بچاءَ واري نظام کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

رپورٽن موجب هن معاهدي جي ماليت 6 کان 7 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي وچ ۾ آهي، جنهن ۾ QW-12 ۽ FN-16 قسم جا لڳ ڀڳ 300 کان 400 هٿ سان کڻي استعمال ٿيندڙ هوائي بچاءَ وارا ميزائل نظام (MANPADS) شامل آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران جي ويجهي فاصلي واري هوائي بچاءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هي هيل تائين جي سڀ کان وڏي ڄاتل ڪوششن مان هڪ آهي.

رپورٽن موجب اهو معاهدو هانگ ڪانگ ۾ قائم ڪمپني زونگ چنگ باؤشانگ انٽرنيشنل انويسٽمينٽ سان طئي ٿيو، جيڪا ايراني ڌر ۽ چيني فراهم ڪندڙ جي وچ ۾ وچ وارو ڪردار نڀائي رهي هئي.

ٻئي پاسي چين انهن رپورٽن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like