ڀارتي ميڊيا ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته يمن جي حوثين جي تازي حملن سبب تيل جي برآمدات کي درپيش خطرن کانپوءِ اسرائيل ۾ موجود هڪ پراڻي ڳجهي تيل پائيپ لائين ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جيڪا ماضي ۾ ايران ۽ اسرائيل گڏجي تعمير ڪرائي هئي.
ڀارتي ميڊيا اين ڊي ٽي وي پنهنجي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ ڪيترائي دعوائون ڪيون آهن.
رپورٽ موجب ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ اها ڳجهي پائيپ لائين 254 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايران جي شاهه محمد رضا پهلوي جي دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن پائيپ لائين جو مقصد ايران جو خام تيل بحيره احمر جي بندرگاهه ايلات کان اسرائيل جي شهر اشڪلون تائين پهچائي، اتان يورپ روانو ڪرڻ هو، جيئن سوئيز ڪئنال استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوي.
رپورٽ موجب ايران ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ختم ٿي ويا، جنهن کانپوءِ پائيپ لائين جو ڪنٽرول اسرائيل پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو.
جنهن کانپوءِ هڪ سوئس ٽياڪڙي عدالت اسرائيل کي ايران کي 1.1 ارب آمريڪي ڊالر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر اسرائيل اهو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب تيل کي يورپ پهچائڻ لاءِ اڄ به بحيره احمر جي باب المندب آبناءِ مان گذرڻو پوي ٿو، جتي حوثين جي حملن جو خطرو برقرار آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته تيل کي سامونڊي جهازن ذريعي ايلات آڻي، پوءِ اسرائيل جي پائيپ لائين وسيلي اشڪلون منتقل ڪري، اتان بحيره روم جي رستي يورپ موڪلي سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب اها پائيپ لائين پاڻ به حفاظتي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ماضي ۾ فني خرابين، تخريبڪاري ۽ راڪيٽ حملن جو شڪار ٿي چڪي آهي.
رپورٽ ۾ اهو به دعويٰ ڪيو ويو آهي ته سياسي لحاظ کان به هي منصوبو انتهائي حساس سمجهيو پيو وڃي.