باب المندب مان لنگهندڙ جهازن کان به اوڳاڙي ٿيندي؟

يمني حڪومت الزام هنيو آهي ته حوثي باب المندب مان لنگهندڙ جهازن تي فيس لاڳو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.

عرب ميڊيا موجب عالمي سطح تي تسليم ٿيل يمني حڪومت جي سُڌ سماءَ واري وزير معمر الارياني چيو آهي ته اهو قدم انتهائي خطرناڪ ڀڙڪاءُ آهي، جنهن جو مقصد دنيا جي اهم سامونڊي گذرگاهن مان هڪ کي حوثي مليشيا جي فوجي ۽ دهشتگرد سرگرمين لاءِ مستقل مالي ذريعو بڻائڻ آهي.

معمر الارياني اهو به الزام هنيو ته ايراني پاسدارانِ انقلاب به هن رٿا کي عملي جامو پارائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي.

You might also like