خرم۽ عباس کي ويسٽ انڊين رانديگرن سان اُچائڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، آءِ سي سي ٻنهي کي سزا ڏئي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران آءِ سي سي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني فاسٽ بالر خرم شهزاد تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد عباس کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب، خرم شهزاد ۽ محمد عباس آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ملوث هئا.
خرم شهزاد تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته محمد عباس کي رڳو تنبيهه جاري ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب، ٻنهي رانديگرن جي رڪارڊ ۾ هڪ، هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
خرم شهزاد شاءِ هوپ کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ جارحاڻي انداز ۾ جشن ملهايو هو، جڏهن ته محمد عباس جوميل واريڪن کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ سندس ويجهو اڻوڻندڙ انداز ۾ جشن ملهايو، جنهن تي ٻنهي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 211 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 120 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

You might also like