لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو مقابلو اهڙي جماعت سان آهي، جيڪا ڌانڌلي جي پيداوار آهي ۽ اهي ماڻهو ڌانڌلي کانسواءِ هڪ به اليڪشن کٽي ناهن سگهيا.
هڪ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪا به سياسي پارٽي نٿي ڪري سگهي ۽ عوام جي حمايت رڳو سندن پارٽي سان گڏ آهي.
هن وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ 47 جي بنياد تي اقتدار ۾ آيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2 آگسٽ تي تير جي سوڀ يقيني آهي، عوام ناڪام ۽ نااهل حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي تبديلي چاهي ٿو.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته هر چوري ٿيل سيٽ واپس وٺنداسين.
وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ فارم 47 تي اقتدار ۾ آيا، هر چوري ٿيل سيٽ واپس وٺنداسين: بلاول
You might also like