اسٽوڪس ايشز لاءِ رٽائرمينٽ واپس وٺندو؟ آسٽريلوي ڪوچ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ چيو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻو انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي 2027ع واري ايشز سيريز ۾ کيڏي ته اِهو ڪرڪيٽ لاءِ هڪ پرين جي ڪهاڻيءَ جهڙو لمحو هوندو.
هڪ بيان ۾ ميڪڊونلڊ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ايشز سيريز کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻو آهي ته بهترين ڪهاڻي اها هوندي ته بين اسٽوڪس رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ٻيهر ميدان تي موٽي اچي.
هن چيو ت ”منهنجي خيال ۾ اسٽوڪس ۾ اڃا به تمام گهڻي ۽ بهترين ڪرڪيٽ باقي آهي، هو اڃا گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي ٿو.“
واضح رهي ته بين اسٽوڪس انگلينڊ جي نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽيسٽ سيريز کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
ان کان اڳ هو ٽيم جي ضابطن جي ڀڃڪڙي واري معاملي سبب هڪ ٽيسٽ ميچ لاءِ معطل پڻ ٿيو هو.
ان کانپوءِ هن ساٿين کان معافي ورتي ۽ آخري ٽيسٽ دوران پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ميڪڊونلڊ جو چوڻ هو ته اسٽوڪس جي رٽائرمينٽ جا اصل ڪارڻ مڪمل طور سامهون ناهن آيا، تنهنڪري ممڪن آهي ته انگلينڊ جو نئون هيڊ ڪوچ ساڻس ڳالهائي کيس واپسي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسٽوڪس واپس نه به اچي تڏهن به سندس شاندار ڪيريئر، يادگار اننگزون ۽ ڪرڪيٽ تي ڇڏيل اثر کي هميشه ساراهيو ويندو.

You might also like