بدين ۾ بدامني ۽ منشيات خلاف شهري بيزار،احتجاجي تحريڪ جو اعلان

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو )بدين ۾ بد امني ،منشيات خلاف سومرا برادري پاران تحريڪ جو اعلان بک ھڙتالي  ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو، ايوان صحافت بدين ۾ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي پروفيسر عبدالمنان سومرو، عمران احمد سومرو، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو، سجاد يوسف سومرو، ڊاڪٽر نور علي چيو ته اسان بار بار بدين ۾ بدامني تي آواز اٿاريو، چونڊيل نمائندا اسان جي ھن آواز تي مڪمل طور خاموش آھن ايس ايس پي بدين اصل منشيات ڊيلرن کي آجو ڪري رکيو آھي جنھن ڪري بدين ۾ رات توڙي ڏينھن وارداتون ٿين ٿيون پوليس ڪنٽرول ڪري نه سگھي آھي،هنن چيو ته جيڪڏھن موجود چونڊيل نمائندا اسان جي ھن احتجاجي تحريڪ تي اسان سان گڏ نه بيٺا ته اسان به کين اليڪشن ۾ ٻڌائينداسين اسان پنھنجي گھرن ۾ غير محفوظ آھيون ان جو ڪارڻ ڏوھن تي ڪنٽرول نه ٿيڻ آھي پيپلز پارٽي جي حڪومت ھوندي به ڏوھن تي ڪنٽرول نه پيو ٿئي ڏوھاري منشيات فروش جن جي صفن ۾ ويٺل آھن اھا خبر بدين جي ھر باشعور کي آھي،هنن چيو ته  بدين جا سمورا روڊ گليون محلا منشيات جي وڪري ڏوھن جي لپيٽ ۾ آھن اسان ست آگسٽ تي ايوان صحافت بدين اڳيان بک ھڙتالي ڪيمپ لڳائينداسين جيڪا ڪيمپ بدين جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي بک ھڙتالي ڪيمپ ھوندي اسان چپ جو روزو ٽوڙي منشيات خلاف آواز بنجي اٿيا آھيون هنن چيو ته  ته اسان بدين جي واپارين معززن سميت سمورين برادرين سان به مشاورت ڪري رھيا آھيون ان تحريڪ ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي بدين جو انجئنر محبوب سومرو به شامل ٿي ويو

You might also like